ضمير نيازي

ضمير نيازي

ضمير نيازي

ضمير نيازي: ناليواري صحافي ۽ اديب ضمير نيازي جو اصل نالو ابراهيم جان محمد درويش هو، سندس جنم8 مارچ 1927ع تي بمبئي (انڊيا) ۾ ٿيو، 1942ع ۾ انگريزن خلاف ”هندستان ڇوڙ دو“ تحريڪ سان جدوجهد جو آغاز ڪيائين، جنهن جي اظهار لاءِ صحافت جي پيشي سان منسلڪ ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي روزاني ’ڊان‘ اخبار ۾ ڪم ڪيائين. 1965ع ۾ روزاني ’بزنس رڪارڊ‘ سان منسلڪ ٿيو ۽ رٽائر ٿيڻ تائين ان اخبار سان سلهاڙيل رهيو، 1986ع ۾ پاڪستاني صحافت تي پوندڙ پابندي جي حوالي سان (Press In chains) نالي ڪتاب لکيائين. سندس ان ڪتاب تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. ڪتاب جا ڪيئي ايڊيشن ڇپيا ۽ ترجمو ڪيا ويا. ان کانپوءِ سندس ٻه ٻيا ڪتاب (1) 1992 Press under slag، (2) 1994 Web of Censorship شايع ٿيا. جن ۾ صحافت تي حڪومت ۽ ٻين تنظيمن جو دٻاءُ ۽ پاڪستان سينسرشپ جي تاريخ تحرير ڪيائين. سندس ٻين مشهور ڪتابن ۾: ‘باغبان صحرا’، ‘انگليان فگار اپني’، ‘حڪايات خونچڪان’ کان سواءِ پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪي جي ردِ عمل ۾ لکيل مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ‘زمين ڪا نوحه’ شامل آهن. سندس ادبي ۽ صحافتي خدمتن عيوض 1994ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران کيس صدارتي اوارڊ سان نوازيو ويو، جيڪو هن 1995ع ۾ حڪومت پاران ڇهن اخبارن تي پابندي وجهڻ ڪري احتجاج طور موٽائي ڏنو. ڪراچي يونيورسٽي کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر ضمير نيازي گورنر هائوس وڃي اها ڊگري وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن 11 جون 2004ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ ابو الحسن اصفهاني روڊ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.


لفظ ضمير نيازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.03.08  عيسوي

ضمير نيازي جو اصل نالو ابراهيم جان محمد درويش هو، سندس جنم8 مارچ 1927ع تي بمبئي (انڊيا) ۾ ٿيو.


2004.06.11  عيسوي

ضمير نيازي 11 جون 2004ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ ابو الحسن اصفهاني روڊ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاويد ڀٽي
دوست علي جيسر
خانزادو سميع الوري
پنهيار علي بخش اصغر
نياز پنهور
ستار وسطڙو
اعجاز عليم عقيلي
لائق سنڌي ٿيٻو
صديقي الهورايو طارق
الهورايو بوزدار
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون